امين شاهه چشتي

امين شاهه چشتي: حضرت امين شاهه چشتي ٻارهين صدي هجريءَ ڌاري ڄائو. مولوي عبدالڪريم چشتي لکيو آهي ته هي بزرگ شڪارپور جي آباد ٿيڻ جي شروعاتي ڏينهن ۾ هتي آيو ۽ ڪافي عرصو رهيو. بخاري سيدن مان هو. وڏو عالم، ڪامل ولي ۽ صاحب ڪرامت هو. ڪيترن ماڻهن کانئس ظاهري ۽ باطني علم جو فيض ورتو. قرآن پاڪ جو حافظ هو. سلسلي چشتيه صابري شاخ جو وڏو پير هو. عراق، شام، عرب ۽ حجاز جو سير ڪرڻ کان پوءِ شڪارپور ۾ اچي مقيم ٿيو. مولوي عبدالڪريم چشتي صابريءَ جو وڏو ڏاڏو خليفو مولانا عبدالڪريم ”ڪرم“ ولد حافظ صاحبڏنو، خواجه امين شاهه چشتي بخاريءَ جو خليفو هو. هن شڪارپور ۾ وفات ڪئي. سندس مزار شڪارپور ۾ مختيارڪار آفيس جي ڀرسان ڏکڻ طرف آهي.


لفظ امين شاهه چشتيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو